سومرو وسيم

سومرو وسيم

وسيم سومرو

وسيم سومرو : نئين ٽهيءَ جي ناليواري شاعر وسيم سومري جو اصل نالو محمد خان ولد محمد حسن سومرو آهي. سندس جنم 16 نومبر 1963ع تي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. سندس تعليم، ايم.اي سنڌي ۽ ايم.ايڊ آهي. 1984ع کان تعليم کاتي ۾ استاد طور پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪئي. جڏهن پاڻ اڃان نائين درجي ۾ پڙهندو هو. هن ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون به لکيا آهن. پر ادب ۾ سندس اصل سڃاڻپ شاعري آهي. سندس شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ ۽ رومانيت جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. هن شاعريءَ ۾ ٻولي عام فهم ۽ تشبيهون ۽ استعارا نهايت موزون استعمال ڪيا آهن. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ياد جي نيري ندي (1996ع)، (2) سچ جي چاندي (1997ع) ۽ (3) پاڻي (هائڪن تي مشمتل ڪتاب: 2005ع) شامل آهن. وسيم سومري کي مختلف علمي ۽ ادبي تنظيمن ۽ ادارن کان ڪيترائي مڃتا طور اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ وغيره مليل آهن. وسيم سومري کي ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جي مهاڳ ۾ شيخ اياز غزل جو پختو شاعر قرار ڏيندي، سندس شاعريءَ جي ساراهه ڪئي آهي. وسيم سومرو عظيم ڪالوني، نوابشاهه ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ وسيم سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.11.16  عيسوي

نئين ٽهيءَ جي ناليواري شاعر وسيم سومري جو اصل نالو محمد خان ولد محمد حسن سومرو آهي. سندس جنم 16 نومبر 1963ع تي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽي ايس ايليٽ شاعر
ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
حاجي حقير ابن مڱڻ
حداد حاجي محمد
مراد علي ڪاظم شيخ
سودائي سومرو
تاج ٽکڙائي
سونو خان ملاح:
خانڻ چنجڻي
الانا جي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون